ابڙائو ڍنڍ

ابڙائو ڍنڍ: هي ڍنڍ ضلعي سانگهڙ ۾ آهي. رتڙائو ڍنڍ جي ڏکڻ ۾ موجود هن ڍنڍ جي ڊيگهه 5 ڪلوميٽر ۽ ويڪر 2 ڪلوميٽر کن ٿيندي. ڍنڍ علائقي ۾ مڇيءَ جي شڪار جي حوالي سان مشهور آهي. هن ڍنڍ جي ٿيري، لهر، ڪرڙو مڇي وزني ٿينديون آهن. هن ڍنڍ ۾ واڳون ۽ ڪڇون به آهن.


لفظ ابڙائو ڍنڍھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو